SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


آزاد نظم


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

آزاد نظم

(Free Verse)

آزاد نظم جي معنيٰ آهي،اُهو نظم، جيڪو بندش کان آزاد هجي.آزاد نظم، جديد شاعريءَ جي هڪ نئين صنف آهي، جيڪا اصل ۾ اوڻيهين صديءَ جي آخر ۾ فرينچ شاعريءَ جي ”علامت نگاريءَ “ (Symbolism) واريءَ تحريڪ سان گڏ نئين رنگ ۾ ظاھر ٿي ۽ ان جو باني فرانسز گرئفن (Francis Viele Graffin) نالي آمريڪي شاعر ھو، جيڪو پئرس ۾ رھندو ۽ فرينچ ٻوليءَ ۾ شاعري ڪندو ھو. ھن فرينچ شاعريءَ جي سخت گير قاعدن ۽ ڪلاسيڪل (Alexandrine) روايتن کي ھڪ ڌڪ سان ختم ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي شاعريءَ ۾مختلف بحرن (meters) جو استعمال ڪيو. آزاد نظم، فرانس مان انگلنڊ ۽ آمريڪا پھتو. بودليئر جي آزاد نظمن جي پھرئين مجموعي ”ليوز آف گراس“ (Leaves of Grass) کي ابتدا ۾ يورپ جي نقادن شاعري ئي تسليم نه ڪيو، پر اڳتي ھلي هن صنف وڏي شھرت ماڻي. ھن جي شاعري ”فري ورس“ (Free verse) يعني آزاد نظم جو مڪمل نمونو آھي. ننڍي کنڊ ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ آزاد نظم جي لھر انگريزي شاعريءَ جي مطالعي سان آئي، جنھن جي ابتدا نصير مرزا چواڻي مرزا قليچ بيگ ڪئي. ھن انگريزي شاعريءَ مان ترجما ڪيا ۽ ڪي طبعزاد آزاد نظم به لکيا. نظم جي ھيءَ ھيئت، سنڌي شاعريءَ ۾ ڪافي مقبول ٿي. جديد دور جي پيچيدي ماحول ۾ انسان جي دکن ۽ دردن جو دائرو وسيع ٿي ويو آھي ۽ سوچ، احساس ۽ جذبن ۾ پڻ پيچيدگي اچي وئي آھي. پابند نظم ان قسم جي خيالن ۽ احساسن جي اظھار لاءِ موزون ھيئت ثابت نه ٿيو، ان ڪري احساسن جي اظھار ۽ وسعت واري تصور ”آزاد نظم“ کي مقبوليت ڏني، جنھن ۾ قافيي ۽ رديف جي آزادي آھي. سنڌي شاعريءَ جي نقادن جو اڪثر رايو آھي ته سنڌي شاعريءَ ۾، 1937ع ڌاري سوڀراج ”فانيءَ “ پھريون -آزاد نظم لکيو، جڏھن ته نصير مرزا جي راءِ موجب مرزا قليچ بيگ جو نظم ’مٺي‘ -آزاد نظم- جو پھريون نمونو آھي. بھرحال، سنڌي شاعريءَ ۾ آزاد نظم جا جديد باني: نارائڻ شيام، شيخ اياز، ھري دلگير ۽ شيخ ”راز“ آھن. اڳتي هلي امداد حسيني، عبدالحڪيم ارشد ۽ ٻين جديد شاعرن هن صنف کي زور وٺايو.


پرنٽ ٽيڪنالاجيءَ جي ڊڪشنريءَ مان:


آزاد نظم

Vers libre


آزاد نظم سان لاڳاپيل لفظ


.


آزاد نظم لفظ جو عام استعمال


Remember Me Also:

ڪندر لغام

ذ. تکين چهنبن واري لغام ڏنگي گهوڙي لاءِ اَلياڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal